بزم ادب ڪراچي

بزم ادب ڪراچي: 1923ع ۾ غلام احمد نظاميءَ ۽ ان جي ساٿين، ڪراچيءَ جي اخوان هال شڪارپوري محلي ۾ ’بزم ادب‘ قائم ڪئي. بزم ادب جون ماهوارِ ادبي ڪچهريون ٿينديون هيون. هن بزم، سنڌي ادب ۾ اوستي محمد رمضان، اوستي سليمان ڇتن، عبدالحليم عاجز، ڊاڪٽر محمد صديق خاڪي، حاجي محمد رمضان، عبدالرزاق سليمان، عبدالرحيم غمگين، حبيب الله فڪر، غني نظاماڻي ۽ محمد حسين جهڙن اديبن ۽ شاعرن کي متعارف ڪرايو. هيءُ پهريون ادارو هو، جنهن پنهنجي بزم ۾ مشاعري جي شمع روشن ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي شاعرن کي مشاعرن کان واقف ڪيو. هن بزم ۾ مشاعري کان سواءِ ٻيون علمي ۽ ادبي مجلسون به ٿينديون هيون. بزم ادب جا مشاعرا پندرهين پندرهين ڏينهن ٿيندا هئا، جن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان شاعر پنهنجو ڪلام موڪليندا هئا. هن بزم جو هڪ يادگار مشاعرو 18 نومبر 1933ع تي ٿيو هو. غلام احمد نظاميءَ جي وفات کان پوءِ جلد ئي هن بزم جون سرگرميون ختم ٿي ويون .


هن صفحي کي شيئر ڪريو